ڪراچي ۾ پهرين جون کان لينن جي ڀڃڪڙي تي بي نقاب چالان جي شروعات ٿي وئي ۽ پهرين ئي ڏينهن 11 ڪيٽيگري جي سوارن کي بنا فيس جي چالان جاري ڪيا ويا. رپورٽ موجب پهرين ڏينهن لينن جي ڀڃڪڙي تي ڪل 96 چالان جاري ڪيا ويا. وڏي بس 2، ڪوسٽر 2، ڊبل ڪيبن 1 ۽ گاڏين جا 9 چالان جڏهن ته مني بس جا 6، مني ٽرڪ 3 ۽ سوزوڪي پڪ اپ جا 21 چالان جاري ڪيا ويا. اهڙي طرح موٽرسائيڪلن جا 43، ٽرڪ جا 3، وين جا 4 ۽ واٽر ٽينڪرز جا 2 چالان جاري ڪيا ويا. رپورٽ موجب هڪ لين کان ٻئي لين ۾ گاڏي هلائڻ تي سمورا چالان جاري ڪيا ويا، پهرين لين ۾ سست رفتاري سان گاڏي هلائڻ تي به چالان جاري ڪيا ويا.
Source link

ڪراچي؛ شارع فيصل تي لينن جي ڀڃڪڙي تي پهرئين ڏينهن ڪيترا چالان جاري ڪيا ويا؟
Leave a Comment Leave a Comment

