پي ٽي وي جي مشهور اداڪاره شوڪت اعجاز به ڪراچي بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ شهر کي گندو قرار ڏنو.
هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ ڳالهه ٻولهه دوران جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هوءَ هڪ جملي ۾ ڪراچي کي ڪيئن بيان ڪندين ته اداڪاره مختصر جواب ۾ صرف هڪ لفظ ”گندا“ استعمال ڪيو.
هن پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندي چيو ته اها سندس دل جي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته ڪراچي سندس پنهنجو شهر آهي ۽ هُو هتي رهي ٿي، ان ڪري ان جي خامين جي نشاندهي ڪرڻ ضروري آهي.
هن چيو ته حڪمران ڪراچي جا روڊ رستا ٺيڪ ڪن، شهر جي موجوده صورتحال ڏسي کين ڪاوڙ اچي ٿي.
شوڪت اعجاز چيو ته لاڳاپيل اختياريون روڊن جي تعمير تي ڌيان ڏين ته جيئن ايمرجنسي جي صورت ۾ ٽرانسپورٽ ۾ ڪا به ڏکيائي پيش نه اچي.


