ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ پاڪستان بازار پوليس مقابلي بعد 2 جوابدارن سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب، گلشن ضياءَ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جتي جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو ته جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران فائرنگ ڪري ڏني.
جوابي ڪارروائي ۾ 2 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدارن جي سڃاڻپ علي اڪرم ۽ دانيال عباسي جي نالن سان ٿي آهي، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
جڏهن ته ٽيون گرفتار جوابدار احسان الله کي جاچ لاءِ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار، موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ به چيڪ ڪيو پيو وڃي.


