ڪراچي جي ڪورنگي عوامي ڪالوني ۾ پوليس مقابلو، 4 جوابدار زخمين سميت گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد ۾ ڪورنگي بلال چورنگي وٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو، زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب باغ ڪورنگي ويجهو پوليس شڪي موٽرسائيڪل سوارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته هنن فائرنگ شروع ڪري ڏني.

جوابي ڪارروائي ۾ پوليس زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. نامزد جوابدارن ۾ معيز، وقار ۽ انس شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان ٽي پستول، ڪيتريون گوليون، موبائل فون ۽ ٻه موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.

زخمي جوابدار کي فوري طبي امداد لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment