ڪراچي ۾ چور امام مسجد کي به نه ڇڏيو، نئين موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اسٽيل ٽائون ۾ ٻن نامعلوم جوابدارن امام مسجد وٽان هٿياربندن جي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، مدعي سعيد حسن موجب هو گلشن حديد جو رهواسي آهي ۽ مقامي مسجد ۾ پيش امام آهي. درخواستگذار جو چوڻ هو ته 14 اپريل تي مغرب جي نماز ادا ڪري گهر وڃي رهيو هو ته 2 اڻڄاتل جوابدار پيدل آيا ۽ بندوق جي زور تي نئين موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ نقدي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون گلزار علي تنيو ٻڌايو ته پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment