لاهور:
7 ورهين جي نينگري سان بدتميزي ڪندڙ جوابدار کي ڪجهه ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايڇ او مغلپوره عرفان سخاوت ٽيم سان گڏ عمر ڪالوني مان جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب جوابدارن صبح ساڍي گهٽي ۾ کيڏندڙ ڇوڪريءَ کي گهرايو ۽ فحش حرڪتون ڪيون.
جوابدار معصوم نينگري سان بدتميزي ڪرڻ بعد موقعي تان فرار ٿي ويا.
مغلپورا پوليس درجنين ڪيمرائن جي مدد سان جوابدار جو مڪمل رستو ٽريڪ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار ناصر خان خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جنسي استحصال ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.


