مانچسٽر يونائيٽيڊ جو اڳوڻو مڊ فيلڊر نوبي اسٽائلز، انگلينڊ جي 1966 جي فيفا ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو ميمبر، بار بار فٽبال کيڏڻ سبب دماغي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو. اهو فيصلو برطانيا جي اسٽاڪ پورٽ ڪورونر ڪورٽ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻڌايو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب عدالت کي ٻڌايو ويو ته نوبي اسٽائلز 78 سالن جي عمر ۾ شديد ڊيمينٽيا سبب فوت ٿي ويو ۽ پنهنجي 17 سالن جي ڪيريئر دوران هن 1 لک 40 هزار ڀيرا فٽبال کي سر ڪيو.
نيوروپيٿولوجسٽ ڊاڪٽر ڊينيئل ڊو پليسي عدالت کي ٻڌايو ته اسٽائلس جي دماغ جي تجزيي مان ظاهر ٿيو ته هو الزائمر ۽ ڪرونڪ ٽروميٽڪ انسيفالوپيٿي (سي ٽي اي) ۾ به مبتلا هو، هڪ بيماري جنهن جو تعلق سر تي بار بار لڳڻ سان آهي.
ماهر عدالت ۾ واضح ڪيو ته سندس موجب بار بار هيڊرز اسٽائلز ۾ سي ٽي اي جو بنيادي سبب آهن.
نوبي اسٽائلز انگلينڊ لاءِ 28 انٽرنيشنل ميچون کٽي ورتيون جڏهن ته مانچسٽر يونائيٽيڊ جي تقريبن 400 ميچن ۾ نمائندگي ڪئي.
ٻڌڻي دوران سندس پٽ جان اسٽائلز چيو ته سندس پيءُ تمام عاجز انسان هو ۽ هن ڪڏهن به پنهنجي ڪاميابين تي فخر نه ڪيو. هن اڳ ۾ چيو هو ته فٽبال منهنجي پيء کي قتل ڪيو.
جان اسٽائلز جي مطابق، سندس پيءُ تقريباً 17 سالن تائين هفتي ۾ پنج ڏينهن سراسري طور تي ڏينهن ۾ 40 ڀيرا هيڊرن جي مشق ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته ان دور جا چمڙي جا گولا مينهن ۾ ٻڏڻ کان پوءِ وڏا ٿي ويندا هئا، جنهن ڪري مٿي تي دٻاءُ وڌندو هو.
جان اسٽائلز ڪيترن ئي اڳوڻي فٽبالرز ۽ انهن جي خاندانن مان آهن جن فٽبال ايسوسيئيشن (FA)، فٽبال ايسوسيئيشن آف ويلز ۽ انگلش فٽبال ليگ جي خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن. هن جو موقف آهي ته لاڳاپيل ادارا بار بار هيڊرز سان دماغي نقصان جي خطري کان آگاهه هئا پر رانديگرن جي حفاظت لاءِ مناسب قدم نه کنيا ويا.
هن سال جنوري ۾ اڳوڻي اسڪاٽش ۽ مانچسٽر يونائيٽيڊ جي محافظ گورڊن ميڪوئن جي موت بابت هڪ انڪوائري پڻ فيصلو ڪيو ته بار بار هيڊرز سان دماغي زخم سندس موت جو وڏو سبب هو، جڏهن ته هو سي ٽي اي ۾ به مبتلا هو.
فٽبال ايسوسيئيشن هاڻي فٽبال ۾ ذهني بيماري بابت وڌندڙ خدشات جي وچ ۾ انڊر 11 مقابلن ۾ هيڊرز کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.


