پاڪستان ۾ مالي سال 2025ع ۾ ٽيڪس وصولين ۾ 26 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽيڪس نظام کي جديد بڻائڻ، ڊجيٽل ادائيگي ۽ واپاري شعبي ۾ اهم قدم کنيا ويا آهن.
34 هزار کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙن کي آن لائين بلنگ سسٽم سان ڳنڍيو ويو، جڏهن ته 43 هزار ڊجيٽل بلنگ مشينن سان ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي عمل کي بهتر بڻايو ويو، اي آءِ جي ذريعي ٽيڪس چوري جي نشاندهي کي بهتر بڻايو ويو ۽ اهم صنعتي شعبن مان اربين رپيا اضافي ٽيڪس وصول ڪيو ويو. ڊجيٽل پاڪستان جي قدمن تحت سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل ادائيگين ۽ آن لائين مالي سهولتن کي فروغ ڏنو ويو.
راسٽ سسٽم جي واڌاري سان، وڌيڪ 5 ڪروڙ ماڻهو ۽ 1.1 لک ڪاروبار آن لائن ادائيگي سان ڳنڍيل آهن ۽ صارفين جو ڪل تعداد 13 ڪروڙ ٿي ويو آهي. نادرا سميت سرڪاري ادارن ۾ آن لائين ادائيگي جي سهولت شهرين لاءِ فيس ۽ ٻين ادائيگين کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
ڪاروبار ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ نيشنل ٽيرف پاليسي 2025-30 ذريعي پهريون ڀيرو وڏين ٽيرف سڌارن جي شروعات ڪئي وئي آهي، ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ ڊجيٽل سڌارن ڪاروباري سرگرمين ۽ برآمدات لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو آهي.


