تهران جو سخت ردعمل، آمريڪا ۽ IAEA تي سفارتي عمل کي سبوتاز ڪرڻ جو الزام

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


تهران: ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگبندي جي ڀڃڪڙين جو ذميوار آمريڪا کي قرار ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل آمريڪا جي مدد ۽ اجازت کانسواءِ خطي ۾ ڪو به اهم ڪارروائي نٿو ڪري سگهي.

تهران ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسماعيل بقائي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پيش ايندڙ واقعن ۽ خطي ۾ ٻيهر وڌندڙ ڇڪتاڻ جي بنيادي ذميواري آمريڪا تي آهي. هن چيو ته اسرائيل جي عملن کي آمريڪي پاليسين کان الڳ ڪري نه ٿو ڏسي سگهجي ڇو ته ٻنهي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي آهي.

ايراني ترجمان جو چوڻ هو ته ڪو به اهو قبول نٿو ڪري سگهي ته اسرائيل خطي ۾ فوجي يا سياسي قدم کڻي آمريڪا جي مڪمل رابطي ۽ منظوري کان سواءِ. سندس چوڻ هو ته تازي ڇڪتاڻ هڪ منظم منصوبي جو حصو آهي جنهن جنگ بندي جي عمل کي نقصان پهچايو آهي ۽ خطي ۾ عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌايو آهي.

اسماعيل بقائي چيو ته ايران جنگبندي جي شرطن جو احترام ڪري رهيو آهي پر ٻئي طرف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. هن واضح ڪيو ته ايران پنهنجي قومي سلامتي، خودمختياري ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي تي به تنقيد ڪندي چيو ته هن ايران جي ايٽمي پروگرام جي حوالي سان جانبدارانه ۽ غير ٽيڪنيڪل موقف اختيار ڪيو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل خطي ۾ ڇڪتاڻ جا بنيادي ڪارڻ آهن پر آءِ اي اي اي جي قيادت انهن عملن جي مذمت نه ڪئي.

لبنان بابت ڳالهائيندي اسماعيل بقائي چيو ته لبنان ۾ جنگ جو خاتمو ۽ جنگ بندي ڪنهن به ممڪن معاهدي جو اهم حصو آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن جنگبندي جي شرطن جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي ته ان جو سڌو سنئون اثر سفارتي ڳالهين ۽ امن جي ڪوششن تي پوندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ايران قومي مفادن جي تحفظ لاءِ سفارتي ۽ دفاعي تيارين ٻنهي کي ضروري سمجهي ٿو ۽ صورتحال جي مطابق ٻنهي طريقن تي عمل جاري رکندو. اسماعيل بقائي موجب آمريڪا جي تڪراري پاليسين ۽ بيانن اڳ ۾ ئي سفارتي عمل کي پيچيده ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته تازو واقعن کانپوءِ ڳالهين جو ماحول وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي.

ايراني ترجمان الزام هنيو ته اسرائيل خطي ۾ ڪنهن به اهڙي سفارتي عمل کي ڪامياب ٿيڻ نه ٿو ڏئي جنهن سان وچ اوڀر ۾ استحڪام ۽ امن اچي سگهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment