بحرين دعويٰ ڪئي آهي ته ايران طرفان ڪيل حملن جي نتيجي ۾ 11 ورهين جي ٻارڙي زخمي ٿي پئي، جڏهن ته ڪيترن ئي گهرن ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو.
بحرين جي گهرو وزارت موجب ايراني حملن دوران ايئر ڊفينس سسٽم ڪيترائي ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا، جڏهن ته انهن ڊرونن جا ملبہ مختلف علائقن ۾ تباهه ٿيا.
گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڊرون فضا ۾ تباهه ڪرڻ بعد انهن جو ملبو رهائشي علائقن ۾ ڪري پيو، جنهن سبب ڪجهه گاڏين کي باهه لڳي وئي ۽ ڪيترائي گهر تباهه ٿيا.
بحرين اختيارين موجب واقعي ۾ 11 ورهين جي نينگر معمولي زخمي ٿي پئي، جنهن کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته ڪنهن وڏي جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ تصويرن ۾ سڙيل گاڏيون، تباهه ٿيل عمارتون ۽ تباهه ٿيل رهائشي علائقو ڏيکاريو ويو آهي. اهلڪارن متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ ۽ نقصان جو اندازو لڳائڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.
بحرين جي خلاف ايراني جارحيت جي نتيجي ۾، هڪ ڇوڪري 11، معمولي زخمي ۽ منظر تي علاج ڪيو ويو. حماد ٽائون ۽ مناما ۾ ڊرون جهازن جا ٽڪرا ڪرڻ سبب گاڏين کي باهه لڳي وئي ۽ گهرن کي نقصان پهتو. سول ڊفينس ۽ نيشنل ايمبولينس ضروري قدم کنيا آهن. pic.twitter.com/e1SOp6omVY
– گهرو وزارت (@moi_bahrain) 11 جون 2026
بحرين جي گهرو وزارت شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو سرڪاري هدايتن تي عمل ڪن ۽ غير تصديق ٿيل رپورٽن کان پاسو ڪن. سيڪيورٽي ادارا صورتحال تي مسلسل نظر رکي رهيا آهن.
تجزيه نگارن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ خليجي ملڪن ۾ سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن جڏهن ته خطي ۾ ڪنهن به فوجي ڪارروائي جو خطرو شهرين تائين پهچڻ جو خدشو پڻ وڌي ويو آهي.


