راولپنڊي:
مري ايڪسپريس وي تي وين ۾ سوار 10 ڄڻن کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ مفرور ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب مري ايڪسپريس وي تي پيش آيل افسوسناڪ حادثي جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ باهه لڳڻ سبب 10 مسافر سڙي فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس حادثي بعد فرار ٿي ويل وين ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڊرائيور کي موري ٿاڻي منتقل ڪيو پيو وڃي، جتي کانئس وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي. پوليس موجب حادثي بعد ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.
شروعاتي جاچ ۾ حادثي جو سبب ڊرائيور جي مبينا غفلت، لاپرواهي ۽ تيز رفتاري ٻڌايو ويو آهي. ذريعن موجب مسافر وين کي ان سبب جي ڪري حادثو پيش آيو.
ياد رهي ته ملتان کان مري ويندڙ سياح خاندان جي وين کي مري ايڪسپريس وي تي حادثو پيش آيو، جنهن بعد گاڏي کي باهه لڳي وئي. موٽر وي پوليس موجب واقعي جي شڪايت تي وين ڊرائيور خلاف لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته اڻڄاتل ڊرائيور جي مبينا غفلت سبب وين نالي ۾ ڪري پئي ۽ ڀت سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي کي باهه لڳي وئي.
حادثي دوران گاڏي جا دروازا ڀت سان ٽڪرجڻ سبب مسافر بروقت ٻاهر نه نڪري سگهيا.
ان افسوسناڪ واقعي ۾ 5 ٻارڙن سميت 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 7 ٻارڙن سميت 16 مسافر زخمي ٿي پيا. واقعي جو ڪيس مري ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.


