ڪوئيٽا:
اوچ پاور پلانٽ مان نصيرآباد، سبي، ڪوئيٽا ۽ بلوچستان جي ٻين ڪيترن ئي علائقن کي اوچتو بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب وڏا علائقا اونداهي ۾ غرق ٿي ويا.
بجلي بند ٿيڻ بعد شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ڪاروبار ۽ روزاني معمول به متاثر ٿي ويا.
شروعاتي طور تي بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
ڪيسڪو ترجمان موجب متاثر علائقن ۾ بجلي بحال ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻين متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي.


