فيفا ورلڊ ڪپ 2026: ڪئناڊا ۽ بوسنيا 1-1 تان برابر ٿي ويا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جي ٻئي ڏينهن جي پهرين ميچ ۾ ميزبان ڪئناڊا ۽ بوسنيا جي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ ميچ هڪ گول جي برابري تي ختم ٿي وئي. ٽورانٽو جي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ ڪينيڊين ٽيم شروع کان ئي جارحاڻي راند پيش ڪئي پر بوسنيا طرفان پهريون گول ڪيو ويو. بوسنيا جي جووو لوڪڪ 21 هين منٽ ۾ بال کي جال ۾ وجهي پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري. پهرين هاف جي آخر ۾ بوسنيا کي 0-1 جي برتري حاصل هئي. ٻئين اڌ ۾، ڪئناڊا دٻاء وڌايو ۽ ڪيترائي گول ڪرڻ جا موقعا پيدا ڪيا، پر شروعاتي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي. آخر ۾ 79هين منٽ ۾ ڪينيڊين رانديگر گِل شاندار ڪِڪ ذريعي گول ڪري ميچ برابر ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ ٻنهي ٽيمن برتري حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ڪا به ٽيم فيصلو ڪندڙ گول نه ڪري سگهي ۽ ميچ هڪ، هڪ گول تان برابر ٿي وئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment