سي ٽي او لاهور رڪشا ڊرائيورن لاءِ مثبت قدم کڻندي هر آچر تي خاص لائسنس جي سهولت فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
تفصيل موجب رڪشا ڊرائيورن لاءِ خاص سهولتون متعارف ڪرايون ويون آهن، جنهن تحت لائسنس جي عمل کي وڌيڪ آسان ۽ موثر بڻايو پيو وڃي. رڪشا ڊرائيور هاڻي هر آچر صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين مناواڻي لائسنسنگ سينٽر تان ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪري سگهندا.
رڪشا ڊرائيورن لاءِ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن، محفوظ سفر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ رڪشا ڊرائيورن کي ٽريفڪ ضابطن کان آگاهه ڪيو ويندو. رڪشا ڊرائيورن لاءِ خاص ليڪچر ڏنا پيا وڃن، روڊن جي حفاظت ۽ ذميوار ڊرائيونگ جي تربيت ڏني پئي وڃي.
سي ٽي او لاهور سيد عبدالرحيم شيرازي چيو ته لائسنس يافته ۽ تربيت يافته ڊرائيور محفوظ ٽريفڪ سسٽم جا ضامن آهن، اسان جو مقصد رڪشا ڊرائيورن جي پروفيشنل صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ حادثن کي روڪڻ آهي.
سيد عبدالرحيم شيرازي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي
رڪشا ڊرائيور 12 ڏينهن کانپوءِ لائسنس حاصل ڪري سگهندا.


