نتنياهو ايران کي وڃائي ڇڏيو؟ اسرائيلي اپوزيشن ليڊر جي ڌماڪيدار دعويٰ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسرائيل جي اپوزيشن ليڊر يائر لپڊ وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي تنقيد ڪندي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدي کي اسرائيل جي وڏي ناڪامي قرار ڏنو.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب يائر لپڊ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايران سان تجويز ڪيل معاهدي ۾ اسرائيل جنگ دوران پنهنجا ڪي به وڏا مقصد حاصل نه ڪري سگهيو.

هن چيو ته ايراني حڪومت اڃا تائين قائم آهي، ايران جو ميزائل پروگرام برقرار آهي ۽ تهران مستقبل ۾ پنهنجي ايٽمي پروگرام کي ٻيهر ترقي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

Yair Lapid چيو ته اها صورتحال وزيراعظم بنيامين نتنياهو جي ‘مڪمل ناڪامي’ جو نتيجو آهي. هن الزام لڳايو ته نتنياهو جي پاليسين اسرائيل کي خود مختيار رياست جي بجاءِ يو ايس جي ڪلائنٽ اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي.

اسرائيلي اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته اها ناڪامي پريس ڪانفرنسن، ميڊيا مهمن يا مصنوعي ذهانت جي ذريعي ٺاهيل وڊيوز ذريعي ڍڪي نه ٿي سگهي.

ليپڊ جي بيان کي اسرائيلي سياست ۾ هڪ اهم پيش رفت قرار ڏنو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ايران تي اسرائيلي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن ايران سان ممڪنه معاهدي جي ويجهو اچڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر ان معاهدي جي تفصيل ۽ حتمي شڪل بابت مختلف رايا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment