سنڌ جي گهرو وزير ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعن جو نوٽيس ورتو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ شهرين جي فوت ۽ زخمي ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سنڌ جي گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته فائرنگ جي واقعن ۾ ملوث عنصرن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، امن امان جي صورتحال کي هر قيمت تي برقرار رکيو ويندو.

ضياءُ الحسن لنجار پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو سمورن واقعن جي شفاف، غير جانبداري ۽ ميرٽ تي ٻڌل جاچ کي يقيني بڻائين ۽ زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ سندن علاج ۾ ڪا به غفلت نه ڪئي وڃي.

هن واضح ڪيو ته ڪراچي ۾ امن امان کي خراب ڪندڙ عنصرن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ وارن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.

سنڌ جي گهرو وزير شهر ۾ پوليس گشت ۽ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن ڏوهاري عنصرن جي سرگرمين کي بروقت منهن ڏئي سگهجي.

ترجمان موجب گهرو وزير شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به شڪي سرگرمي يا شڪي شخص جي اطلاع پوليس جي هيلپ لائن 15 تي ڏين ته جيئن بروقت ڪارروائي کي يقيني بڻائي سگهجي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment