ڪراچي ۾ فائرنگ ۽ انڌي گولين جو خوني سلسلو، 3 ڄڻا مارجي ويا، عورتن ۽ ٻارن سميت 15 زخمي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ ٽن ڪلاڪن دوران فائرنگ ۽ انڌي گوليون جا 11 واقعا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب بنارس علي ڳڙهه چپل مارڪيٽ ويجهو مبينا انڌي گولي لڳڻ سبب 35 ورهين جو شڪيل فوت ٿي ويو.

اورنگي ٽائون موري ۾ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ 32 ورهين جو ياسين مارجي ويو، جڏهن ته صفورا سميرا چوڪ وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو شاهد مارجي ويو.

ٻئي طرف اڻڄاتل طرف کان گوليون لڳڻ جي مختلف واقعن ۾ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ اورنگي ٽائون سيڪٽر 7 اي جو 34 ورهين جو ياسر، اورنگي ٽائون سيڪٽر 7 اي جو 65 ورهين جو عبدالله، نارٿ ڪراچي جو 5 ورهين جو عرفان، رشيد آباد جو 35 ورهين جو ملير بي بي، سهراب گوٹھ جو 65 ورهين جو رحم بي بي، عزيز آباد جو 4 ورهين جو محمّد بيبي شامل آهن. بستي، شاهه لطيف جي 10 ورهين جي شوشانت، ڪورنگي بلال ڪالوني، ڪلفٽن پنجاب جي 17 ورهين جي عافيه. چورنگي ويجهو هڪ ڄڻو ۽ مومن آباد سيڪٽر 10 آريانا ڪالوني جو 13 ورهين جو عبدالباسط شامل آهن.

سائيٽ ايريا ميٽروول ۾ انڌي گولي لڳڻ سبب هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سرجاني ٽائون سيڪٽر 7 ڊي ۾ 19 ورهين جي زينب به انڌي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي.

ريسڪيو عملدارن موجب سمورن زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment