ڪراچي شهر ۾ فائرنگ ۽ ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ ٽريفڪ حادثن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پي آءِ ڊي سي پل وٽ نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.

ايڌي عملدارن موجب مقتول جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.

ٻئي طرف ناظم آباد نمبر 2 زمزم مسجد ڀرسان پراسرار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب زخمي کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 34 ورهين جي ڪاشف علي طور ٿي.

هوڏانهن بلديا ٽائون سيڪٽر 14 ۾ ڪريسن اسڪول ويجهو گهر اندر پراسرار فائرنگ ۾ هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

ڇاپو اختيارين موجب زخمي عورت کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 60 ورهين جي فاطمه طور ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment