ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته معاهدي تحت ايران کي صرف يورينيم کي گهٽ سطح تي افزودگي ڪرڻ جي اجازت هوندي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان تجويز ڪيل معاهدي جا اهم تفصيل بيان ڪندي چيو آهي ته نئين معاهدي تحت ايران کي رڳو يورينيم کي گهٽ سطح تي افزودگي ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ فوجي مقصدن لاءِ استعمال نه ٿي ڪري سگهي.

آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز هڪ انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايران کي رڳو غير فوجي مقصدن لاءِ يورينيم افزودگي جي اجازت ڏني ويندي ۽ اها پابندي مستقل هوندي.

جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا اها حد اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي دور ۾ ايٽمي معاهدي ۾ مقرر ڪيل 3.67 سيڪڙو افزودگي جي حد جي برابر هوندي، ته هن صحيح انگ اکر ڏيڻ بدران چيو ته ايران رڳو پرامن مقصدن لاءِ افزودگي ڪري سگهندو.

صدر ٽرمپ اهو به چيو ته جيڪڏهن ايراني حڪومت مستقبل ۾ حڪومت مخالف مظاهرين تي ڪريڪ ڊائون يا قتل ڪيو ته ايران کي پابندين ۾ مڪمل رليف نه ملندو. جڏهن ته، ذريعن موجب، اها شرط تجويز ڪيل ايم او يو جو رسمي حصو نه آهي.

ٻئي طرف صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي به تنقيد ڪئي. هن چيو ته نيتن ياهو تمام ڏکيو ماڻهو آهي، کيس آمريڪا جو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي.

ٽرمپ موجب جيڪڏهن ايران وٽ ايٽمي هٿيار هئا ته اسرائيل جو وجود سخت خطري ۾ پئجي سگهي ٿو.

آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته لبنان ۾ اسرائيلي حملن ايران سان جاري سفارتي عمل کي نقصان پهچايو ۽ معاهدي جي آخري مرحلي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون. هن چيو ته ايران خلاف آمريڪي ميزائل ۽ فضائي حملن سان تهران تي دٻاءُ وڌيو ۽ اهو ئي سبب آهي ته ايران ڳالهين لاءِ تيار آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران سان ان جي ايٽمي پروگرام بابت حتمي معاهدو نه ٿيو ته آمريڪا ٻيهر فوجي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته ايران وڌيڪ حملن کان بچڻ چاهي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي ممڪن ٿي آهي.

آمريڪي صدر جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن عالمي ڌيان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تجويز ڪيل معاهدي تي مرکوز آهي ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment