آمريڪا ممتاز چيني ڪارپوريٽ ديو جهڙوڪ اي ڪامرس ڪمپني علي بابا، ڪار ٺاهيندڙ BYD ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپني Baidu کي ”چين جون فوجي ڪمپنيون“ قرار ڏنو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي عملدارن دعويٰ ڪئي آهي ته اهي ڪمپنيون چيني فوج جي مدد ڪن ٿيون. پينٽاگون انهن ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪيل چيني ڪمپنين ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
واشنگٽن ڊي سي ۾ چيني سفارتخاني لسٽ کي قومي سلامتي جي تصور تي آمريڪي حڪومت پاران تعصب ۽ غلط بياني قرار ڏيندي مذمت ڪئي.
چيني سفارتخاني جي ترجمان چيو ته پرڏيهي ڪاروبار ڪندڙ چيني ڪمپنيون پنهنجي ميزبان ملڪن جي قانونن ۽ ضابطن تي سختي سان عمل ڪري رهيون آهن. آمريڪا کي پنهنجي غلط ڪمن کي روڪڻ گهرجي ۽ چيني ڪمپنين لاءِ منصفانه ۽ غير امتيازي ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي.
ٻئي طرف چين جي سڀ کان وڏي اي ڪامرس ڪمپني علي بابا چيو آهي ته بليڪ لسٽ ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به منطقي سبب ناهي.


