ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل، سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪيو پيو وڃي.

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


پشاور:

عدالت ۾ ٽڪ ٽاڪ سبب معاشري ۾ بگاڙ بابت درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت درخواست جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز انور ۽ جسٽس فرح جمشيد تي ٻڌل بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل بئريسٽر بابر شهزاد عمران موقف اختيار ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ تي فحش وڊيوز اپ لوڊ ٿينديون آهن، جنهن سان سماج ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کان فائر وال بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان تي پي ٽي اي جي وڪيل جهانزيب محسود عدالت کي ٻڌايو ته گهربل رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

پي ٽي اي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جو سسٽم اهڙو آهي ته جيڪڏهن ڪو صارف ڪنهن خاص قسم جي وڊيو ڏسندو ته ان کي بعد ۾ ان قسم جو وڌيڪ مواد سامهون اچي ويندو. هن چيو ته درخواستگذار مخصوص مواد کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر رڳو مخصوص مواد کي بلاڪ ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي.

پي ٽي اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اٿارٽي ان حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي، ڪيترائي اڪائونٽس به بلاڪ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته جنهن اڪائونٽ بابت شڪايت ملي آهي ان کي بلاڪ ڪيو ويندو آهي.

ان موقعي تي جسٽس اعجاز انور رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن سياسي پوسٽ هجي ۽ حڪومت ان کي بلاڪ ڪرڻ چاهي ته فوري بلاڪ ٿي وڃي ته پوءِ اهڙي مواد تي ڪنٽرول ڇو نٿو ٿي سگهي.

ان تي وڪيل چيو ته هاڻي سوشل ميڊيا جي ڪنٽرول لاءِ الڳ ادارو قائم ڪيو ويو آهي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي اها باڊي اهڙن معاملن کي ڏسندي آهي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته حڪومت ٽڪ ٽاڪ تي ضابطو نه آندو ته ماڻهو ان خلاف ٻاهر نڪرندا، ان ڪري نئين اٿارٽي کي به جواب طلب ڪيو وڃي.

عدالت درخواستگذار جي درخواست منظور ڪندي سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي کان رپورٽ طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment