حڪومت پاران بجيٽ ۾ ٽيڪس رعايتن جا انگ اکر عوام آڏو آڻڻ کان انڪار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


حڪومت پاران 27-2026ع جي بجيٽ بابت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ ان حوالي سان ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهين جو عمل جاري آهي.

ذريعن موجب حڪومت فنانس بل 27-2026ع ۾ شامل مختلف ٽيڪس رعايتن جا مڪمل تفصيل جاري ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو آهي ته بجيٽ قدمن جا سمورا تفصيل في الحال ظاهر نٿا ڪري سگهجن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پگهاردار طبقي کي ڏنل ٽيڪس رليف سان قومي ناڻي تي وڏو مالي بار پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سپر ٽيڪس جي خاتمي يا مرحليوار گهٽتائي سان به حڪومتي آمدني ۾ گهٽتائي جو خدشو آهي.

اهڙي طرح، برآمد ڪندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ جا قدم ۽ ريئل اسٽيٽ ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس ۾ ممڪن نرمي به آمدني تي اثر انداز ٿي سگهي ٿي.

ذريعن موجب مختلف ٽيڪس رعايتن سبب قومي خزاني تي 360 ارب رپين جو اضافي بار پوڻ جو امڪان آهي.

حڪومت ۽ آءِ ايم ايف امڪاني شارٽ فال کي پورو ڪرڻ لاءِ متبادل روينيو قدمن تي صلاح مشورا ڪري رهيا آهن پر ٽيڪس رليف پيڪيج جي مالي اثرن جا مڪمل انگ اکر اڃا تائين منظر عام تي نه آيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment