فيفا ورلڊ ڪپ: يوراگوئي ٽيم جي جهاز کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڇو نه ڏني وئي؟

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ٻه ڀيرا فيفا ورلڊ ڪپ کٽيندڙ يوراگوئي کي پنهنجي پهرين ميچ کان اڳ سفري مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن کانپوءِ يوراگوئي فٽبال فيڊريشن فيفا کي دير جو ذميوار قرار ڏنو.

ميڊيا رپورٽن موجب يوراگوئي ٽيم ميڪسيڪو جي شهر ڪنڪون ۾ ٽريننگ ڪري رهي هئي ۽ کيس ميامي ۾ سعودي عرب خلاف شيڊول ميچ لاءِ آمريڪا روانو ٿيڻو هو.

جڏهن ته ٽيم لاءِ مختص ڪيل جهاز کي ضروري دستاويز مڪمل نه هئڻ سبب آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي سگهي، جنهن ڪري سفر ۾ دير ٿي.

يوراگوئي جي فٽبال ايسوسيئيشن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته روانگي ۾ دير انهن جي ڪنٽرول کان ٻاهر سببن جي ڪري هئي، جڏهن ته هڪ ترجمان فيفا کي مسئلي جو ذميوار قرار ڏنو.

ٻئي طرف فيفا جو چوڻ آهي ته اهو مسئلو ميڪسيڪو ۾ ايئر لائن جي پرمٽ ۾ غلطي جو نتيجو آهي ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهيون.

ٽيم بعد ۾ هڪ متبادل اڏام ذريعي فلوريڊا پهتي.

هيڊ ڪوچ مارسيلو بيلسا ۽ ڪپتان جوز ماريا جمينز واقعي کي معمولي قرار ڏيندي رد ڪندي چيو ته دير سان ٽيم جي تيارين تي ڪو خاص اثر نه پيو.

واضح رهي ته يوراگوئي ۽ سعودي عرب وچ ۾ ميچ هڪ هڪ گول سان برابر رهي هئي.

ورلڊ ڪپ جي شروعات کان وٺي مختلف ٽيمن، آفيشلز ۽ مداحن کي ويزا ۽ سفري مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ٽورنامينٽ دوران وڌيڪ مشڪلاتن جو خدشو پيدا ڪيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment