ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ آواره ڪتن جي حملي ۾ 14 معصوم ٻارڙا زخمي ٿي پيا.
واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن ٻارڙا ميدان ۾ کيڏي رهيا هئا ته هڪ وحشي ڪتي مٿن حملو ڪري ڇڏيو.
اسپتال انتظاميا موجب زخمي ٻارڙن کي فوري طور تي سنڌ گورنمينٽ اسپتال اورنگي ٽائون منتقل ڪيو ويو، جتي سمورن ٻارن کي اينٽي ريبيز ويڪسين ڏني وئي آهي. پاگل ڪتن جي حملي ۾ ٻارڙن کي پيشاني، مٿي، پيٽ، هٿن ۽ پيرن تي زخم آيا.
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ 13 ڇوڪرا ۽ هڪ ڇوڪري شامل آهي، جڏهن ته متاثر ٻارڙن جي عمر 4 کان 12 سالن جي وچ ۾ آهي.


