وومين ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي سلو اوور ريٽ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ايڊبسٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ مقرر وقت ۾ هڪ اوور گهٽ ڪرڻ تي ميچ ريفري ٽروڊي اينڊرسن پاڪستان تي ميچ فيس جو 5 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو. فاطمه ثناءَ جي طرفان ڏنڊ قبول ڪيو ويو، جنهن سبب معاملو سرڪاري ٻڌڻي جي ضرورت نه پيو. آن فيلڊ امپائر ڪليئر پولوسيڪ ۽ جيڪلين وليمز، ٿرڊ امپائر الائيس شيريڊن ۽ چوٿون امپائر سيو ريڊفرن آءِ سي سي ضابطه اخلاق جي آرٽيڪل 2.22 تحت چارج ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ڀارت کي 64 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
Source link

ڀارت کي شڪست کانپوءِ پاڪستاني وومين ٽيم وڏي پريشاني ۾ ڦاسي وئي!
Leave a Comment Leave a Comment

