ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ويسٽ جي عدالت ۾ زال جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي جوابدار اصغر عدالت ۾ پوليس آڏو ڏنل مبينا اعترافي بيان کان انڪار ڪري ڇڏيو.
عدالتي ڪارروائي دوران جوابدار موقف اختيار ڪيو ته پوليس مٿس دٻاءُ وجهي اعترافي بيان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. جوابدار موجب پوليس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هو اعتراف ڪري ته ٻئي ڪنهن کي به ڦاسائي نه سگهندي، کيس آزاد ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو. هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته مٿس پوليس اسٽيشن ۾ به دٻاءُ وڌو ويو ۽ هو ان وقت هوش ۾ نه هو.
جوابدار عدالت کي ٻڌايو ته کيس خبر ناهي ته مقتول کي ڪيئن قتل ڪيو ويو، واقعي جي وقت هو غير معمولي ذهني حالت ۾ هو. هن عدالت ۾ پوليس جي دعويٰ کي رد ڪندي اعترافي بيان ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
عدالت جوابدارن جو موقف ٻڌڻ بعد اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي جاچ آفيسر جي درخواست رد ڪندي جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. واقعي کانپوءِ ڪيس جي جاچ واري حڪمت عملي تي به سوال اٿاريا ويا آهن.


