سنڌ جو وڏو وزير اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 27-2026 جي بجيٽ پيش ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اربع ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 2026-2027 جي بجيٽ پيش ڪندو.

بجيٽ اجلاس اڄ منجهند 2 وڳي اسيمبلي بلڊنگ ۾ ٿيندو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏني ويندي.

نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبي جي غير ترقياتي خرچن لاءِ 2560 ارب مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ نيون ترقياتي رٿائون شامل نه ڪرڻ جي تجويز آهي.

صوبائي ۽ ضلعي سطح تي 3642 جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ 400 ارب مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. هلندڙ سال جي مقابلي ۾ نئين سال ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ 300 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.

نئين سال ۾ سنڌ جي مجموعي ترقياتي بجيٽ 1018 ارب مان گهٽائي 720 ارب ڪرڻ جي تجويز آهي. صوبائي ترقياتي بجيٽ 520 ارب مان گهٽائي 385 ارب ڪرڻ جي تجويز آهي.

ضلعي جي ترقياتي بجيٽ ۾ 40 ارب رپيا ڪٽوتي ڪرڻ جي به تجويز آهي. نئين مالي سال لاءِ ضلعن ۾ ترقياتي اسڪيمن لاءِ رڳو 15 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.

هلندڙ مالي سال ۾ ضلعي جي ترقياتي بجيٽ 55 ارب رپيا رکي وئي هئي. هڪ اندازي موجب وفاقي حڪومت کي 64 ارب رپين جي ترقياتي گرانٽ ملندي.

نئين مالي سال 2026-27 لاءِ سنڌ جي 3500 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، صوبائي ترقياتي بجيٽ ۾ 298 ارب رپين جي وڏي ڪٽ، جڏهن ته غير ترقياتي بجيٽ ۾ 418 ارب رپين جو وڏو اضافو تجويز ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب ضلعي جي ترقياتي بجيٽ 55 ارب مان گهٽائي صرف 15 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

هن مالي سال جي بجيٽ ۾ صوبائي حڪومت جي غير ترقياتي بجيٽ گذريل سال جي 2142 ارب رپين جي مقابلي ۾ 2560 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment