فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ 68 سالن کانپوءِ هڪ منفرد رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي.
تفصيل موجب گذريل ڏينهن کيڏيل 4 ميچون ڊرا ٿي ويون، اهڙي طرح 68 سالن کانپوءِ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 4 ميچون ڊرا ٿيڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
آخري دفعو فيفا ورلڊ ڪپ ۾ اهو ٿيو 15 جون، 1958 تي.
ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو حصو وٺندڙ ڪيپ ورڊي اسپين سان بنا ڪنهن گول جي برابري ڪئي، مصر فتح جي ويجهو اچڻ کانپوءِ پنهنجي گرفت وڃائي ڇڏي ۽ بيلجيم سان 1-1 تان برابر ٿي ويو، جڏهن ته يوراگوئي ۽ سعودي عرب وچ ۾ ميچ به 1-1 تان برابر ٿي وئي.
ان نتيجي کانپوءِ گروپ ايڇ جون چار ٽيمون اسپين، ڪيپ ورڊ، يوراگوئي ۽ سعودي عرب هڪ هڪ پوائنٽ سان برابر آهن.
ڏينهن جي آخري ميچ ۾ ايران ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ 2-2 گول تان برابر ٿي وئي.
آخري دفعو ورلڊ ڪپ جون 4 يا وڌيڪ ميچون هڪ ئي ڏينهن تي ٽائي 15 جون 1958ع تي ٿيون.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ڏينهن 8 ميچون کيڏيون ويون.


