پاڪستاني اداڪار محسن عباس حيدر شوبز انڊسٽري بابت اهم انڪشاف ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه فنڪار ۽ هدايتڪار مبينا طور تي شوٽنگ سيٽ تي نشي جي حالت ۾ پهچي ويندا آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي.
هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي محسن عباس حيدر چيو ته هن ڪجهه وقت اڳ سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هن مطالبو ڪيو هو ته جيڪي فنڪار ۽ هدايتڪار نشي جي حالت ۾ سيٽ تي اچن ٿا، انهن کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو وڃي.

اداڪار موجب سندس پوسٽ سامهون اچڻ کان پوءِ هڪ پروڊڪشن هائوس کيس فون ڪيو ۽ پڇيو ته ڇا هو ڪنهن موجوده پراجيڪٽ سان لاڳاپيل فنڪار بابت ڳالهائي رهيو آهي. محسن عباس حيدر چيو ته هن ان حوالي سان تصديق ڪئي، جنهن تي پروڊڪشن ٽيم معاملي جي جاچ جو يقين ڏياريو.
هڪ واقعو بيان ڪندي محسن عباس حيدر چيو ته حالتون اهڙي موڙ تي پهچي ويون آهن جو هڪ اداڪاره جو ڌيان سندس ڳالهين تي ئي نه پيو. هن چيو ته هو اداڪارا سان ڳالهائي رهيو هو پر هوءَ ڪنهن ٻئي ڏانهن متوجه هئي، اهڙي رويي جي حوصلا افزائي نه ڪئي وڃي ڇو ته ان سان ماحول ۽ سماج ٻنهي تي ناڪاري اثر پون ٿا.
پروگرام دوران جڏهن ميزبان پڇيو ته ڇا پروڊڪشن انتظاميا ان معاملي تي ڪو ايڪشن ورتو آهي، جنهن تي محسن عباس حيدر جواب ڏنو ته معاملي کي سنجيدگي سان ورتو ويو آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شوٽنگ سيٽ هڪ پروفيشنل ماحول آهي جتي اداڪارن ۽ عملدار لاءِ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ ضروري آهي، ان ڪري اهڙن ڪيسن کي نظرانداز ڪرڻ بدران سنجيدگيءَ سان ورتو وڃي.


