بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي تڪراري ۽ بي بنياد بيان سبب سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.
هڪ انٽرويو دوران اداڪارا دعويٰ ڪئي ته فلم ”غدر: ايڪ پريم ڪٿا“ جي رليز ٿيڻ کانپوءِ کيس پاڪستان مان غير معمولي پيار ۽ مڃتا ملي آهي.
اميشا پٽيل موجب پاڪستاني عورتون سندس فون نمبر ڳولينديون هيون ۽ ساڻس رابطو ڪنديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن جذباتي ڳالهيون ڪنديون هيون.
اداڪارا اها به دعويٰ ڪئي ته فلم ۾ سندس ڪردار ”سڪينا“ جي مقبوليت ايتري هئي جو ڪيترن ئي پاڪستاني خاندانن پنهنجي ڌيئرن جو نالو سڪينا رکيو.
اميشا پٽيل جي اهڙي بيان تي پاڪستاني سوشل ميڊيا صارفين کيس ننگا هٿ کنيا.
صارفين جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي مختلف وقتن تي پابنديون لڳايون ويون آهن، تنهن ڪري اهڙا دعوا بي بنياد آهن.
هڪ صارف چيو ته ان ڏس مون کي روئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ ٻئي صارف چيو ته پاڪستان ۾ ڀارتي فلمن تي پابندي آهي ۽ ڪنهن وٽ به انهن کي ڏسڻ لاءِ وقت ناهي.



