آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيح ٿيڻ کانپوءِ عالمي سطح تي خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ بي يقيني واري صورتحال سبب مقامي اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ هڪ ڪروڙ ايراني ڪرنسي جي قيمت 2 هزار 3 هزار رپين کان وڌي 3 هزار 4 هزار رپين جي سطح تي پهچي وئي.
ايڪسچينج ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين ملڪ بوستان ايڪسپريس کي ٻڌايو ته پاڪستانين گذريل ٻن ڏينهن دوران 60 ارب ايراني ريال جي خريداري ڪئي آهي. جنهن جي پاڪستاني روپين ۾ قيمت 25 ڪروڙ رپيا آهي.
هن چيو ته لڳ ڀڳ ٽن مهينن جي وقفي کانپوءِ اوپن ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ايراني ڪرنسي جي طلب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿيو آهي ۽ ايراني ڪرنسي خريد ڪندڙ وچولو طبقو آهي جنهن جي آمدني گهٽ آهي. هن چيو ته ٻه اڍائي مهينا اڳ آمريڪي صدر طرفان بندش جي اعلان سان ايراني ڪرنسي جي خريداري وڌي وئي ۽ هڪ ڪروڙ ايراني ڪرنسي جو اگهه ڪجهه سؤ رپين ۾ وڪرو ٿيڻ بعد 12 هزار جي سطح تي پهچي ويو.
هن چيو ته ڪجهه هفتن کانپوءِ ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن سبب ايراني ڪرنسي هڪ ڀيرو ٻيهر زوال جو شڪار ٿي وئي ۽ ٻه ڏينهن اڳ تائين هڪ ڪروڙ ايراني ڪرنسي جي قيمت 2 هزار کان 3 هزار رپين جي سطح تي پهچي چڪي هئي.
ملڪ بوستان ايراني ڪرنسي جي ڳولا ڪندڙن کي صلاح ڏني آهي ته هو محتاط انداز ۾ ان ۾ سيڙپڪاري ڪن، ڇاڪاڻ ته هن وقت صرف ٻنهي ڌرين وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي اتفاق ٿيو آهي، ان ڪري حتمي معاهدي تائين ايراني ڪرنسي جي قيمتن ۾ قياس ۽ اُلٽيون به سامهون اچي سگهن ٿيون.
هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي صحيحن کانپوءِ ايراني ڪرنسي جي اصل قدر واضح ٿي ويندي.


