اسلام آباد:
پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن وفاقي حڪومت کان 6 لک ميٽرڪ ٽن اضافي کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪئي.
ان حوالي سان پاڪستان شوگر ملز ايسوسي ايشن نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير کي خط موڪليو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت گذريل سال سرپلس کنڊ برآمد ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر ان تي اڃا تائين عمل ناهي ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته کنڊ جي برآمد سان ملڪ کي 575 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا حاصل ٿي سگهي ٿي. موجوده ڪرشنگ سيزن جي پڄاڻي تي ملڪ وٽ کنڊ جا 7.967 ملين ميٽرڪ ٽن ذخيرا هئا، جڏهن ته ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کانپوءِ کنڊ جو 1.181 ملين ميٽرڪ ٽن سرپلس آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪمند جي پوک ڪندڙن کي بهتر ادائيگين جي نتيجي ۾ بهتر قسمون پيدا ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمند جو سٺو فصل ۽ ايندڙ ڪرشنگ سيزن ۾ 8 ملين ميٽرڪ ٽن ڪمند جي پيداوار جي توقع آهي.
شگر ملز ايسوسي ايشن جو چوڻ هو ته کنڊ جا موجوده مقامي اگهه پيداواري لاڳت کان گهٽ آهن، ان ڪري اضافي کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن صنعت ۽ هارين ٻنهي کي رليف ڏنو وڃي.


