فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پنهنجي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ سان 2-2 جي برابري کانپوءِ، ايراني ٽيم کليل طور تي فيفا ۽ سفري انتظامن تي پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.
ڪپتان مهدي ترمي، مڊ فيلڊر محمد محبي ۽ هيڊ ڪوچ امير قلعه غلينوئي دعويٰ ڪئي ته ٽيم مسلسل جدوجهد ڪري رهي هئي ۽ ميچ کان پوءِ لاس اينجلس ڇڏڻ جي هدايت صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو.
عامر غالينوئي چيو ته رانديگرن کي صحتياب ٿيڻ لاءِ وقت جي ضرورت آهي پر کين چيو ويو آهي ته هو فوري طور تي ميڪسيڪو جي شهر ٽيجوانا ڏانهن موٽي وڃن.
هن موجب ايران هن ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٽيم آهي ڇو ته ٽيم جا ڪيترائي آفيسر، ميڊيا نمائندا ۽ فيڊريشن جا عملدار آمريڪا ۾ داخل نه ٿي سگهيا آهن.
مهدي ترمي به انتظامن تي تنقيد ڪندي چيو ته ورلڊ ڪپ جهڙي وڏي ايونٽ ۾ ٽيمن کي بهتر سهولتون ملڻ گهرجن.
سندس چوڻ هو ته ٽيجوانا کان لاس اينجلس جو مختصر سفر به اميگريشن جي مسئلن سبب پنج ڪلاڪ ڊگهو ٿي ويو، جنهن ڪري رانديگرن جي جسماني ٿڪ وڌي وئي.
ميچ کانپوءِ فيفا صدر گياني انفنٽينو ايراني ڊريسنگ روم ۾ پهتو ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته پوري دنيا ٽيم جي جدوجهد ۽ عزم کي ڏسي رهي آهي.
هن ايراني ٽيم تي زور ڏنو ته هو ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي مهم جاري رکي ۽ مشڪلاتن باوجود پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري.
ٻئي طرف ايراني ڪوچ ميڪسيڪو جي ماڻهن ۽ خاص ڪري تيجوانا جي ماڻهن جي مهمان نوازي کي ساراهيندي چيو ته کين گهر جهڙو ماحول فراهم ڪيو ويو آهي.


