ايراني صدر پنهنجي ۽ ٽرمپ وچ ۾ ٿيل معاهدي جي ڪاپي ميڊيا سان شيئر ڪئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


تهران:

ايران جي صدر مسعود المدشڪيان آمريڪا سان جنگ بندي معاهدي جي ڪاپي ميڊيا سان شيئر ڪئي آهي، جنهن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا دستخط به موجود آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب اهو پهريون ڀيرو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ اليڪٽرانڪ دستخط ذريعي عالمي معاهدو ٿيو آهي.

واضح رهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي معاهدي جي تقريب جمعي تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ آمريڪي ۽ ايراني وفدن سميت ثالثي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان، سعودي عرب، قطر، ترڪي ۽ مصر جا اڳواڻ به شرڪت ڪندا.

ميڊيا رپورٽن موجب ايراني ۽ آمريڪي صدرن جي معاهدي تي صحيحن کانپوءِ سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ اجلاس بابت فيصلو ڪجهه ڪلاڪن ۾ متوقع آهي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي تصديق ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مفاهمتي ياداشت جي حتمي متن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ٻنهي ڌرين ان تي اليڪٽرانڪ دستخط ڪيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment