پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي سڄي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ صوبائي بجيٽ 19 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ناراض ميمبرن بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان جي مشاورت سان صوبي جي بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته مشاورت لاءِ اجلاس نه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت کي عبوري بجيٽ پيش ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي قانوني ماهرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان مشاورت جو سلسلو جاري آهي. ناڻي کاتي پاران بجيٽ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽن مهينن جي خرچن جي بجيٽ به تيار ڪئي وئي هئي پر پي ٽي آءِ قيادت وڏي وزير کي سال جي سموري بجيٽ پيش ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. پي ٽي آءِ جي صوبائي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته وڏو وزير سهيل آفريدي عمران خان سان ملاقات نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪرڻ چاهي ٿو. قانوني ماهرن موجب صوبي کي سڄي سال جي بجيٽ پيش نه ڪرڻ سان معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. پارٽي وڏي وزير کي سڄي سال جي بجيٽ صوبي جي وسيع تر مفاد ۾ پيش ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. صوبائي بجيٽ 19 جون جمعي تي خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي.
Source link

خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جي تجويز، ناراض ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
Leave a Comment Leave a Comment

