بلوچستان حڪومت مالي سال 27-2026 لاءِ 1134 ارب 92 ڪروڙ رپين جي سرپلس ۽ ٽيڪس فري بجيٽ صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي. بلوچستان اسيمبلي ۾ مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري صوبائي وزير مير شعيب نوشيرواڻي چيو ته ايندڙ مالي سال جي مجموعي روينيو جو ڪاٿو 1134 ارب 92 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته مجموعي خرچن جو ڪاٿو 1089 ارب 26 ڪروڙ رپيا آهي جنهن سان 45 ارب 66 ڪروڙ رپيا سرپلس ٿيندا. بجيٽ دستاويزن موجب بلوچستان کي وفاقي منتقلي ۽ اين ايف سي ايوارڊ تحت 834 ارب 44 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته صوبي جي پنهنجي روينيو جو هدف 170 ارب رپيا، پرڏيهي فنڊنگ منصوبن لاءِ 65 ارب 34 ڪروڙ رپيا، پراجيڪٽ فنانسنگ ۽ ڪيپيٽل رسيدن لاءِ 68 ارب 75 ڪروڙ رپيا جڏهن ته فارورڊ ڪيري وصولين لاءِ 1 ارب 60 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. صوبائي ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ ۾ غير ترقياتي خرچن لاءِ 797 ارب 82 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ جو حجم 291 ارب 55 ڪروڙ رپيا رکيو ويو آهي، جنهن ۾ وفاقي ترقياتي منصوبن لاءِ 44 ارب 56 ڪروڙ رپيا ۽ صوبائي پي ايس ڊي پي جو حجم 1 ارب 26 ڪروڙ 60 لک رپيا رکيو ويو آهي. هن چيو ته هي اضافي بجيٽ مالياتي نظم و ضبط ۽ بهتر معاشي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿي. سماجي شعبن لاءِ مختص فنڊن جي حوالي سان بجيٽ دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته تعليم جي شعبي لاءِ 157 ارب 28 ڪروڙ رپيا، امن امان لاءِ 107 ارب 92 ڪروڙ رپيا، صحت جي شعبي لاءِ 73 ارب 99 ڪروڙ رپيا، سوشل سيڪيورٽي لاءِ 15 ارب 13 ڪروڙ رپيا ۽ راندين ۽ تفريحي سرگرمين جي واڌاري لاءِ 8 ارب 54 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. مختص ڪيا ويا آهن. مير شعيب نوشيرواڻي اعلان ڪيو ته تعليمي خدمتن تي صفر سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ملڪيت جي منتقلي تي ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ۽ اسٽيمپ ڊيوٽي 2 سيڪڙو کان گهٽائي 1 سيڪڙو ڪئي وئي آهي ته جيئن ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي هٿي ملي سگهي. هن چيو ته بلوچستان ايجوڪيشن سپورٽ فنڊ ذريعي مستحق شاگردن جي سهائتا لاءِ 2 ارب 82 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته بلوچستان هيلٿ ڪارڊ پروگرام لاءِ وڌيڪ هڪ ارب 82 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. صوبائي ناڻي واري وزير چيو ته شهيد بينظير ڀٽو اسڪالر شپ پروگرام لاءِ 54 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صوبي جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف سرڪاري کاتن ۾ 5 هزار نيون پوسٽون پيدا ڪيون وينديون. هن چيو ته مالي مشڪلاتن باوجود بلوچستان جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ وفاقي حڪومت جي طرز تي 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. مير شعيب نوشيرواڻي واضح ڪيو ته مالي سال 27-2026 جي بجيٽ مڪمل طور تي ٽيڪس فري آهي ۽ ان ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي. بجيٽ جو مقصد عوامي ڀلائي، تعليم، صحت، روزگار، سماجي تحفظ ۽ ترقياتي منصوبن ذريعي بلوچستان جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ آهي. جنهن بعد بلوچستان اسيمبلي جو اجلاس 18 جون صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
Source link

بلوچستان حڪومت سرپلس، ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

