پيٽرول جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان، ناڻي واري وزارت جي رپورٽ جاري

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



ناڻي واري وفاقي وزارت جي ماهوار آئوٽ لک رپورٽ ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جا اثر ملڪي تيل جي قيمتن تي پوڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان مهانگائي جو دٻاءُ گهٽائڻ ۽ مجموعي قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وزارت مهيني جي اقتصادي اپڊيٽ ۽ آئوٽ لک رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عالمي تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي سان ملڪي تيل جي قيمتن تي به اثر پوڻ جو امڪان آهي، ان سان مهانگائي جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو ۽ قيمتن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جون ۾ مهانگائي جي شرح 11 کان 12 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، مالي سال 26-2025ع ۾ ملڪي معيشت جا بنياد مضبوط ٿيا، مالي سال 26-2025ع ۾ معاشي ترقي جي شرح 3.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت موجب مالي سال 26-2025ع ۾ جي ڊي پي گذريل 4 سالن جي بلند ترين سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ معيشت جو حجم 452.1 بلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته بجيٽ ۾ ايڪسپورٽ آرينٽيڊ اقتصادي قدم کنيا ويا، ٽيڪس ادا ڪندڙن کي رليف ڏنو ويو، مالياتي نظم و ضبط جا به قدم کنيا ويا. ناڻي واري وفاقي وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 27-2026ع ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment