حڪومت قومي بچت اسڪيمن تي منافعي جي شرح ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب نيشنل سيونگز اسڪيم بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ويلفيئر سيونگ اينڊ پينشنرز جي بينيفٽ اڪائونٽ تي سالياني منافعي جي شرح 12.96 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي، جڏهن ته ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ تي ماهوار منافعي جي شرح 11.52 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي.
اعلان موجب ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ تي هاڻي 1 لک جي سيڙپڪاري تي 960 رپيا ماهوار منافعو ڏيندو، جڏهن ته اسپيشل سيونگ سرٽيفڪيٽ تي منافعو پهرين 6 مهينن لاءِ 11.2 سيڪڙو ۽ آخري 6 مهينن لاءِ 12.6 سيڪڙو هوندو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شهيد خاندانن جي ڀلائي کاتي جو ساليانو منافعو به وڌائي 12.96 ڪيو ويو آهي.


