حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. توانائي واري وزارت (پيٽروليم ڊويزن) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت پاڪستان ايندڙ هفتي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي ڪئي آهي، جنهن جو اطلاق ايندڙ هفتي لاءِ 11 جولاءِ 2026ع کان ٿيندو. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 13 رپيا 18 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ في ليٽر قيمت 297 53 پئسا مان وڌي 310 71 پئسا ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 13 رپيا 80 پيسا واڌ کانپوءِ 309 رپيا 50 پيسا مان وڌائي 323 رپيا 30 پيسا ٿي وئي آهي. ان کان اڳ ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت خام تيل جي اگهن ۾ واڌ جو بار عوام تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 13 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 14 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان ايندڙ هڪ هفتي لاءِ لاڳو ٿيندا. ياد رهي ته گذريل هفتي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي هئي. حڪومت 4 جولاءِ تي پيٽرول جي قيمت 299 رپيا 50 پيسا في ليٽر جي مقابلي ۾ 1 رپيا 97 پيسا گهٽتائي کانپوءِ 297 رپيا 53 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي هئي. اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 97 رپيا 309 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي، حڪومت ان کان اڳ ڊيزل جي قيمت 311 رپيا 47 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي هئي.
Source link

حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

