اسرائيل جي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪيٽز چيو آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسرائيل ايران خلاف ڪنهن به قسم جي فوجي ڪارروائي لاءِ تيار آهي ۽ جيڪڏهن ٻيهر خطرو پيدا ٿيو ته ايران تي حملي کان به دریغ نه ڪندو.
ميڊيا رپورٽن مطابق هڪ فوجي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيٽز چيو ته اسرائيلي فوج هاءِ الرٽ تي آهي ۽ جيڪڏهن ايران کان خطرو ٻيهر سامهون آيو ته اسرائيل پنهنجي فضائي برتري بحال ڪرڻ ۽ خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيهر ڪارروائي ڪندو.
بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته اسرائيل اڳ کان وڌيڪ طاقت سان ڪارروائي ڪندو.
واضح رهي ته اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي جڏهن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپا به جاري آهن. تجزيه نگارن موجب اهڙن بيانن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي.


