آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سڄي وچ اوڀر ۾ جنگ ختم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي تي صحيحن کانپوءِ فوري طور تي وچ اوڀر ۾ سمورن محاذن تي مڪمل جنگ بندي جي اميد رکي ٿو.
نئين ڊيل جي حوالي سان ايران سان ڳالهين جو حوالو ڏيندي ٽرمپ پنهنجي ٽرٿ سوشل پليٽ فارم تي لکيو ته آمريڪا امن لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان وچ اوڀر واري خطي ۾ هر ڪنهن کي حوصلا افزائي ڪريون ٿا ته هو پنهنجي ڳالهين کي خوش اسلوبي سان جاري رکن ۽ منطقي انجام تائين پهچن.
“اسان لبنان، حزب الله ۽ اسرائيل سميت سڀني محاذن تي مڪمل جنگبندي جي اميد رکون ٿا،” ٽرمپ چيو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته مارڪيٽن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ اسٽاڪ وڌڻ سٺو آهي.


