سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير واپاري برادري لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري واپاري برادري لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪيو آهي. مالي سال 2026-27 لاءِ ڪراچي پورٽ جي تجويز ڪيل 5 سيڪڙو ٽيرف کي منجمد ڪيو ويو آهي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري موجب ٽيرف منجمد ٿيڻ سان درآمد ڪندڙن ۽ برآمد ڪندڙن کي 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو رليف ملندو. هن چيو ته وزيراعظم جي بليو اکانومي ويزن تحت ڪاروباري طبقي کي سهولت ڏني پئي وڃي، ٽيرف منجمد ڪرڻ جو مقصد واپارين ۽ صنعتڪارن جا خرچ گهٽ ڪرڻ آهي. جنيد انور چوڌري چيو ته برآمدات، واپاري ۽ اقتصادي سرگرمين جي فروغ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ڪي پي ٽي ٽيرف منجمد ڪرڻ سان بندرگاهن جي لاڳت ۾ استحڪام ايندو ۽ واپار کي هٿي ملندي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي ڪاروباري دوست پاليسين جو تسلسل ڪاروبار ڪندڙن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment