ٽيلي نار پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ کي پاڪ ٽيلي ڪام موبائل لميٽيڊ (يوفون) سان ضم ڪرڻ جي منظوري.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽيلي نار پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ کي پاڪ ٽيلي ڪام موبائل لميٽيڊ (يوفون) ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

جسٽس خادم حسين سومرو درخواست منظور ڪندي فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو ته ٽيلي نار پاڪستان جا سمورا اثاثا، ملڪيتون، حق ۽ ذميداريون پاڪ ٽيلي ڪام موبائيل لميٽيڊ کي منتقل ڪيون وينديون، جڏهن ته ٽيلي نار پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ بغير ڪنهن ڪارروائي جي ٽوڙيل تصور هوندو.

عدالت حڪم ڏنو ته درخواستگذار فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي رجسٽرار ايس اي سي پي کي جمع ڪرائي ۽ رجسٽرار اسڪيم تي عملدرآمد لاءِ قانون موجب ضروري قدم کڻي.

عدالت وڌيڪ هدايت ڪئي ته درخواستگذار اسڪيم تي عملدرآمد بابت سمورن قانوني، ريگيوليٽري ۽ مالي ضرورتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين.

فيصلي ۾ چيو ويو ته ٽيلي نار کي سمورن اثاثن ۽ ذميوارين کي پاڪ ٽيلي ڪام موبائل لميٽيڊ ۾ ضم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

عدالت قرار ڏنو ته انتظاميا جي هن اسڪيم ۾ عدالت جو اختيار نگران آهي ۽ اهو ڏسڻو آهي ته قانوني گهرجون پوريون ٿيون يا نه.

رڪارڊ ۽ اسڪيم جو جائزو وٺڻ بعد عدالت تجويز ڪيل انضمام تي اطمينان جو اظهار ڪندي قرار ڏنو ته ڪمپنيز ايڪٽ 2017 جون سموريون شرطون پوريون ڪيون ويون آهن، اسڪيم عوامي مفاد جي خلاف نه پر منصفاڻي ۽ قانوني آهي، ان ڪري ڪمپنيز ايڪٽ 2017 جي لاڳاپيل شقن تحت اسڪيم جي منظوري ڏني وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment