جڊيشل ڪائونسل ججن جي مقرري لاءِ ضابطن ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



جڊيشل ڪميشن ججز اپائنٽمينٽ رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايڪسپريس نيوز موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلن بابت پڌرنامو جاري ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب جڊيشل ڪميشن ججن جي مقرري بابت رولز 2024ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. پڌرائي موجب آئيني بينچن لاءِ ججن جي نامزدگي ۽ چونڊ جي معيار جي به تصديق ڪئي وئي. اجلاس ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ تجويز ڪيل رولز 2026 تي فيصلو ملتوي ڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ جي ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ 7 ڏينهن اندر چيف جسٽس ۽ سمورن هاءِ ڪورٽن جي سينيئر ججن کان تجويزون طلب ڪيون ويون. ڪميشن چيو ته بار ڪائونسل طرفان نامزد ڪيل ميمبر جو مدو آئيني طور ٻن سالن لاءِ مقرر آهي، تنهن ڪري ان حوالي سان ضابطا ٺاهڻ جي ضرورت ناهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment