پاڪستان سان ايران-آمريڪا معاهدي جي وڏي ڪاميابي، ڀارتي ڪانگريس مودي حڪومت تي ڪاوڙجي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران آمريڪا امن معاهدي تي پاڪستان جي ڪردار جي ڪاميابي کي سڄي دنيا تسليم ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف ڀارتي ڪانگريس مودي حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي.

ايران آمريڪا جنگ بندي ۽ امن معاهدي ۾ پاڪستان جي ڪامياب ثالثي تي ڀارت ۾ مودي حڪومت تي سخت تنقيد شروع ٿي وئي. ڀارتي اپوزيشن ۽ ميڊيا پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري ۽ ان جي تعريف کي مودي حڪومت جي ناڪامي قرار ڏئي رهيا آهن.

ڀارتي اخبار دي ٽربيون موجب ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري جيا رام رميش چيو آهي ته ايران آمريڪا امن معاهدي کي اسلام آباد ايم او يو قرار ڏيڻ خطي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اهميت ۽ ان جي عالمي اثر کي ظاهر ڪري ٿو.

جيارام رميش موجب معاهدي کي اسلام آباد ياداشت نامي جو نالو ڏيڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته عالمي سطح تي پاڪستان جي اهميت وڌي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب اولهه ايشيا جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۾ پاڪستان جو وڌندڙ اثر رسوخ ڀارت لاءِ پريشاني جو سبب آهي.

بزنس اسٽينڊرڊ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مودي حڪومت پاران خطي ۾ اسرائيل جي ڪاررواين جي حمايت خود هندستان لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي رهي آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته مودي جو ٽرمپ بابت مسلسل خوشامد وارو رويو ڀارت لاءِ شرمناڪ ۽ قومي مفادن جي خلاف آهي.

ماهرن موجب مودي حڪومت جي نااهلي سبب ڀارت کي سفارتي، دفاعي ۽ عالمي واپار جي شعبن ۾ مسلسل ذلت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان کي سفارتي اڪيلائي جو شڪار بڻائڻ جا خواب ڏسندڙ مودي حڪومت کي هاڻي سڄي دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار ٿيندي ڏٺو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment