جڏهن ته پيءُ کيس شراب پيئارڻ لاءِ ڏوڪڙ ڏنو ته پٽ کيس ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڀارتي رياست جهرڪنڊ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي پيءُ پاران شراب پيئڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي پٽ پنهنجي ئي پيءُ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب واقعو جھارڪنڊ جي ضلعي بوڪارو جي ڳوٺ ڪرپاني ۾ پيش آيو، جتي 30 ورهين جو ارجن ڪرملي مبينا طور تي هڪ خانداني تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ شراب جي حالت ۾ واپس گهر پهتو.

پوليس موجب، ارجن جي پيءُ کيس شراب جي حالت ۾ گهر اچڻ تي سخت گاريون ڏنيون ۽ ان عادت کي خاندان لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو. ارجن پنهنجي پيءُ جي ان ڳالهه تي ناراض ٿي ويو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ تلخ بحث شروع ٿي ويو.

رپورٽن مطابق تڪرار دوران ارجن گهر ۾ ڪهاڙي جو وار ڪري پيءُ جي مٿي تي ڪيترائي وار ڪري کيس موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار جي شراب پيئڻ جي عادت اڳي به گهريلو تڪرار پيدا ڪندي هئي. هو نشي جي حالت ۾ پنهنجي زال کي به تشدد جو نشانو بڻائيندو هو، جنهن سبب سندس زال کيس ڇڏي پنهنجي والدين جي گهر هلي وئي هئي.

واقعي بعد ڳوٺاڻن فوري ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري گهر اندر گهيري ڇڏيو ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment