نه ته عالمي برادري ۽ نه ئي افغان عوام افغان طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن ۾ افغان مستقل نمائندي نصير احمد انديشا طالبان حڪومت جي تازي ڪاررواين تي سوال اٿاريا.
گڏيل قومن ۾ افغانستان جي سفير ۽ نمائندي نصير احمد انديشا چيو آهي ته طالبان جي حڪمرانن کي افغانستان جي سرڪاري قانونن يا عوام جي مرضي ۽ راءِ جي نمائندگي نه ڪرڻ گهرجي.
نصير احمد انديشا چيو ته افغانستان جو عوام طالبان حڪومت جي فيصلن جي حمايت نٿو ڪري ۽ اهي پاليسيون عوام جي خواهشن جي عڪاسي نه ٿيون ڪن.
هن چيو ته افغان عوام نه رڳو طالبان جي پاليسين کان تنگ آهي پر ڪجهه علائقن ۾ حڪومت خلاف کليل نموني احتجاج به ڪري رهيو آهي.


