رونالڊو ڪڏهن به ميسي نٿو بڻجي سگهي، ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ٻاهر ويٺو، اڳوڻو انگلش فٽبالر

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي پهرين ميچ ۾ پرتگال جو اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو اميدن مطابق ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيو.

ڊي آر ڪانگو خلاف کيڏيل هن ميچ ۾ ميچ 1-1 تان برابر ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سموري تنقيد جو رخ 41 ورهين جي ڪپتان تي ٿي ويو.

پرتگال ميچ ۾ شروعاتي برتري حاصل ڪري ورتي جڏهن جوا نيوس گول ڪيو پر ٽيم برتري برقرار نه رکي سگهي ۽ يوآن ويسا پهرين هاف جي پڄاڻي کان اڳ برابري ڪري ڇڏي.

رونالڊو سڄو 90 منٽ فيلڊ تي گذاريو پر هدف تي شاٽ نه لڳائي سگهيو ۽ نه ئي ڪو اهم موقعو پيدا ڪري سگهيو پر ٻه آسان موقعا به ضايع ڪري ڇڏيائين.

انگلينڊ جي اڳوڻي فٽبالر جي بوٿروڊ تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته رونالڊو کي هاڻي شروعاتي لائين اپ جو حصو نه بڻجڻ گهرجي پر آخري منٽ جي متبادل طور استعمال ڪيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ رونالڊو ٽيم لاءِ فائدي کان وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي.

هن تنقيد ڪندي چيو ته رونالڊو ڪڏهن به ميسي نٿو بڻجي سگهي، کيس هاڻي ڪپتاني ڇڏڻ گهرجي.

ٻئي طرف ڪوچ رابرٽو مارٽينز پنهنجي ڪپتان جو دفاع ڪندي چيو آهي ته رونالڊو کي اهڙي وقت ميدان مان ڪڍڻ درست فيصلو ناهي جڏهن ٽيم کي گولز جي ضرورت آهي.

واضح رهي ته پرتگال کي هاڻي پنهنجي ايندڙ ميچ ۾ ازبڪستان خلاف فتح حاصل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن هو ايندڙ اسٽيج تي پهچڻ جون اميدون زندهه رکي سگهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment