گھانا: گول ڪيپر مبينا طور مخالف کي ماري ڇڏيو، وڊيو وائرل ٿي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


گانا ۾ هڪ فٽبال ميچ دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن راند ۾ ملوث ماڻهن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.

مقامي ميچ دوران مخالف ٽيم جي گول ڪيپر سان زوردار ٽڪر ۾ نوجوان رانديگر حياتي وڃائي ويٺو.

هن دل ڏاريندڙ حادثي مداحن کي لرزائي ڇڏيو آهي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب راند دوران اهو ٽڪر انتهائي خطرناڪ هو جنهن سبب رانديگر سخت زخمي ٿي پيو.

واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان پکڙجي وئي، جنهن سڄي دنيا ۾ فٽبال جي مداحن کي مايوسي ۽ پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

اکين ڏٺن شاهدن ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن ان واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي واقعو راند دوران اتفاقي طور پيش نه آيو پر گول ڪيپر جان بوجھ ڪري فوت ٿيل رانديگر کي لات جو نشانو بڻايو.

وڊيو ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته رانديگر بال سان گول طرف وڌي رهيو هو ته گول ڪيپر کيس روڪڻ لاءِ جمپ ڪيو ۽ سندس ڳچيءَ تي لات هنئي جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.

رپورٽن مطابق گانا فٽبال ايسوسيئيشن ۽ لاڳاپيل اختيارين واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن پر گول ڪيپر جي گرفتاري جي ڪا به تصديق ناهي ڪئي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment