منيلا ۾ ايشيا پيسفڪ پيڊل ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ قومي ٽيم جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



منيلا ۾ ايشيا پيسفڪ پيڊل ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ قومي ٽيم جي اعزاز ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ پنجاب جي راندين واري صوبائي وزير ملڪ فيصل ايوب کوکر ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار علي ڊار خاص شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي راندين واري وزير ملڪ فيصل ايوب کوکر چيو ته قومي رانديگر پاڪستان جا سفير آهن، پوري قوم جون دعائون ساڻن گڏ آهن، اميد آهي ته قومي ٽيم ايشيا پيسفڪ پيڊل ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ملڪ جو نالو روشن ڪندي. هن چيو ته محرم کانپوءِ اسپورٽس پنجاب ۽ اي آءِ جي سهڪار سان پيڊل ٽورنامينٽ ڪرايو ويندو، جڏهن ته سيالڪوٽ ۾ به جلد نئين پيڊل ڪورٽ جو افتتاح ڪيو ويندو. صوبائي راندين واري وزير موجب نوجوانن کي راندين جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 14 وڌيڪ جديد پيڊل ڪورٽون تعمير ڪيون پيون وڃن. پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار علي ڊار چيو ته پنجاب حڪومت اي آءِ ويزن 2029 تحت جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ راندين جي ميلاپ سان نوجوانن جي صلاحيتن ۾ بهتري ايندي، جديد ٽيڪنالاجي ذريعي عالمي معيار جا نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment